مجازي جروار

مجازي جروار

مجازي جروار

مجازي جروار: مشھور شاعر مجازي جروار جو اصل نالو محمد رحيم ولد حاجي موسيٰ جراور آهي. 14 نومبر 1968ع تي ڳوٺ الھه بخش جروار، لڳ بُڪيرا شريف، ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. B.sc ۽ B.Ed. ڪرڻ کان پوءِ 1989ع ڌاري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. کيس شروع کان ئي مطالعي جو شوق رهيو، جنھن جي آبياري ڪندي، هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ‘شاهه لطيف’ جي نالي سان هڪ ذاتي لائبرري پڻ قائم ڪئي. مطالعي ۾ شاعري، سندس پسند جو موضوع رهيو، تنھنڪري لکڻ جي شروعات به شاعريءَ سان ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن مشھور رسالن ‘ادب ’ ، ‘ڪينجهر’، ‘عبرت مئگزين’، ‘سوجهرو’، ‘سنڌ رويو’، ‘امرتا’، ‘ادب رچنا’ ۽ ‘گل ڦُل’ ۾ ڇپجي چڪي آهي. الھڏني جوڻيجي، صائمه منظور، مرڪ سومرو، دلبر جلال، ذوالفقار سولنگي، رضوان سولنگي، اداسي الھبچائي زنئور ۽ راجا رزاق ملاح سندس شاعريءَ کي ڳايو آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ‘منھنجو من ڪشڪول’ ڪائنات پبليڪيشنز طرفان 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 2017ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ زمينداري ۽ ڪاروبار سان وابسته آهي


لفظ مجازي جروارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.11.14  عيسوي

مشھور شاعر مجازي جروار جو اصل نالو محمد رحيم ولد حاجي موسيٰ جراور آهي. 14 نومبر 1968ع تي ڳوٺ الھه بخش جروار، لڳ بُڪيرا شريف، ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد قريشي
امام الدين ضامن
مجازي جروار
فرهاد جروار
مير ڪرم علي خان ٽالپرڪرم
اميد علي شاهه رضوي
’خاڪي‘ سيد احمد شاهه
مير فيض محمد ٽالپر اول
سعدي شيرازي
رضوي سيد علي مدد شاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون